گوگل پاران ستمبر جي نئين اينڊرائڊ اپڊيٽ جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا: ٽيڪنالاجي جي دُنيا جي وڏي ۾ وڏي بدمست ڪمپني گوگل پنهنجي صارفين لاءِ ستمبر جي نئين اينڊرائڊ سافٽ ويئر اپڊيٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن نئين اپڊيٽ جو مقصد اسمارٽ فون استعمال ڪندڙن جي تجربي کي وڌيڪ بهتر ۽ آسان بڻائڻ آهي.

هن نئين سافٽ ويئر اپڊيٽ ۾ سمارٽ فون استعمال ڪندڙن جي سهولت لاءِ پنج نوان شاندار فيچرز شامل ڪيا ويا آهن. اهي نوان واڌارا نه صرف موبائيل جي ڪارڪردگي کي وڌائيندا پر صارفين جي روزمره جي ڪمن ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا.

گوگل جي ترجمان موجب، اهي سمورا نوان فيچرز ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي دُنيا ۾ موجود اينڊرائڊ صارفين لاءِ دستياب ٿي ويندا. ٽيڪنالاجي ماهرن هن اپڊيٽ کي صارفين جي سيڪيورٽي ۽ سهولت جي حوالي سان هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي.