سام سنگ جون ٻه مشهور ايپس بند ڪرڻ جو فيصلو، 31 ڊسمبر کان پوءِ ڊائون لوڊ نه ٿي سگهنديون

ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ پنهنجي ٻن ايپس اي آر ڊوڊل (AR Doodle) ۽ ڪوئڪ ميژر (Quick Measure) کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ڪمپني موجب ٻنهي ايپس کي 31 ڊسمبر 2026ع کان پوءِ گليڪسي ايپ اسٽور تان ڊائون لوڊ نه ڪري سگهيو ويندو.
رپورٽن موجب سام سنگ گليڪسي ايپ اسٽور تي ٻنهي ايپس جا چينج لاگز اپڊيٽ ڪري صارفين کي انهن جي بندش بابت آگاهه ڪيو آهي. جڏهن ته ڪجهه نئين ڊوائيسز تي اهي ايپس اڳ ئي دستياب يا سپورٽڊ ناهن، جن ۾ گليڪسي زيڊ فولڊ 8 پڻ شامل آهي.
R Doodle ايپ صارفين کي فون جي ڪيمرا ذريعي هوا ۾ ورچوئل ڊرائنگ ٺاهڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿي. اهي ڊرائنگ چهري يا ٻين شين سان گڏ حرڪت ڪندي نظر اچن ٿيون، جڏهن ته اسٽائلس سپورٽ ڪندڙ فونز ۾ اسٽائلس پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ٻئي طرف Quick Measure ايپ ذريعي فون جي ڪيمرا استعمال ڪندي وڏين شين، ڀتين ۽ ٻين جسماني شين جي اندازي مطابق ماپ ۽ فاصلو معلوم ڪري سگهجي ٿو.سام سنگ جو چوڻ آهي ته 31 ڊسمبر 2026ع کان پوءِ ٻنهي ايپس جي نون ڊوائيسز تي دستيابي ختم ڪئي ويندي ۽ مستقبل ۾ آپريٽنگ سسٽم جي نون ورزنز تي به انهن کي سپورٽ حاصل نه هوندي.رپورٽن موجب امڪان آهي ته اها تبديلي One UI 9 جي مستحڪم ورزن جي اچڻ سان وڌيڪ واضح ٿي وڃي.جن صارفين جي فونن ۾ اهي ايپس اڳ ئي انسٽال ٿيل آهن، اهي ممڪن طور تي انهن جو استعمال جاري رکي سگهندا، جيستائين سندن ڊوائيس جو سافٽ ويئر انهن کي سپورٽ ڪندو رهي.