اي آءِ جي ڊوڙ يا حفاظت؟ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ نئين بحث، ڊاريو اموڊي جو اهم انتباهه

ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ مصنوعي ذهانت يعني اي آءِ جي تيزي سان ٿيندڙ ترقي بابت هڪ نئين ۽ اهم بحث شروع ٿي ويو آهي. بحث اهو آهي ته ڇا اي آءِ جي ترقي جي رفتار کي وڌيڪ تيز رکيو وڃي يا ان سان گڏ حفاظتي قدمن کي اوليت ڏني وڃي. مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۽ ماهرن طرفان اي آءِ جي وڌندڙ صلاحيتن بابت جتي اميدون ظاهر ڪيون پيون وڃن، اتي ان جي امڪاني خطرن بابت به ڳڻتي وڌي رهي آهي.اينٿروپڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاريو اموڊي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ايجنٽس کي مناسب ڪنٽرول ۽ حفاظتي نظام کانسواءِ اڳتي وڌڻ ڏنو ويو ته اهي تمام ٿوري عرصي ۾ انٽرنيٽ تي وڏي اثرانداز ٿيڻ جي صلاحيت حاصل ڪري سگهن ٿا. هن موجب غير ڪنٽرول ٿيل اي آءِ ايجنٽس بابت صورتحال ايندڙ ڪجهه مهينن دوران سنگين رخ اختيار ڪري سگهي ٿي.ڊاريو اموڊي هڪ انٽرويو ۽ پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ چيو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي جا ڪجهه تباهه ڪندڙ نتيجا به سامهون اچي سگهن ٿا. هن زور ڏنو ته اي آءِ ڪمپنين کي ترقي جي رفتار بابت سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حفاظت لاءِ وڌيڪ قدم فوري طور تي کڻڻ گهرجن.
هن اي آءِ جي ترقي کي ايڪسپونينشل رفتار سان وڌندڙ عمل قرار ڏيندي مثال ڏنو ته ترقي ”هڪ، پوءِ ٻه، پوءِ چار، پوءِ اٺ، پوءِ 16 ۽ پوءِ 32“ جي رفتار سان اڳتي وڌي سگهي ٿي. سندس چوڻ موجب ترقي جي رفتار مسلسل وڌي رهي آهي، تنهنڪري حفاظتي نظام کي به ساڳئي رفتار سان مضبوط ڪرڻ ضروري آهي.ان معاملي تي اوپن اي آءِ جي سربراهه سام آلٽمين پڻ اي آءِ جي ترقي جي رفتار کي قابو ۾ رکڻ جي ضرورت سان اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ڪمپنين کي ترقي جي حد ۽ رفتار تي ڪنٽرول رکڻ گهرجي. آلٽمين موجب اوپن اي آءِ اندر به گذريل ڪجهه هفتن کان اهو اهم بحث جو موضوع رهيو آهي.ڊاريو اموڊي اهو به واضح ڪيو ته سندس مقصد ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ يا اي آءِ جي ترقي مڪمل طور تي روڪڻ ناهي. سندس مطابق موجوده صورتحال کي اهڙي علامت طور ڏسڻ گهرجي، جيڪا خبردار ڪري ٿي ته ٽيڪنالاجي جي رفتار سان گڏ حفاظت ۽ ذميواري تي به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
مصنوعي ذهانت جي تيز ترقي سان گڏ هاڻي ٽيڪنالاجي ڪمپنين لاءِ سڀ کان وڏو سوال اهو بڻجي رهيو آهي ته جدت ۽ حفاظت جي وچ ۾ توازن ڪيئن قائم رکيو وڃي.