پرڏيھي سم ڪارڊ

پرڏيھي سم ڪارڊن جي خريد ۽ وڪري خلاف عوام کي خبردار

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) عوام کي خبردار ڪيو آھي تھ ھو غير قانوني طور پرڏيھي سم ڪارڊن جي خريد ۽ وڪري کان پاسو ڪن. پي ٽي اي موجب، اھڙي سرگرمي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي سگھي ٿي ۽ ان خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ٿي سگھي ٿي.پي ٽي اي جو چوڻ آھي تھ غير قانوني طريقي سان حاصل ڪيل پرڏيھي سم ڪارڊ استعمال ڪرڻ سان صارفين جي ذاتي معلومات ۽ ڊيٽا جي حفاظت کي خطرو ٿي سگھي ٿو، جڏھن تھ ان سان سيڪيورٽي بابت خدشا پڻ پيدا ٿي سگھن ٿا.اختيارين عوام کي ھدايت ڪئي آھي تھ ھو قانوني طريقي سان رجسٽرڊ مقامي سم ڪارڊ استعمال ڪن ۽ غير قانوني سم ڪارڊن جي خريد ۽ وڪري کان پاسو ڪن.پي ٽي اي موجب، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ضابطن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. عوام کي پڻ اپيل ڪئي وئي آھي تھ اھڙي غير قانوني سرگرمي بابت لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏين.