تفصيل موجب بخشاپور ڀرسان گبلو ٿاڻي جي حد مان ٻھ مھينا اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل پورھيت زبير احمد ڀٽو وارثن جي ڪوشش سان بازياب ٿي گهر پھچي ويو ء وارثن م خوشي جي لھر ڇانيل رابطو ڪرڻ تي زبير احمد ڀٽو ٻڌايو ته مونکي ٻھ مھينا اڳ گُبلو واري ڪچي مان 6 نامعلوم ھٿياربندن اغوا ڪري کڻي ويا هئا مونکي ھڪ جهنگ ۾ رکيو ويو هو جتي ڀُنگ عيوض سخت تشدد ڪندا ھئا هن چيو ته مونکي پوليس بازياب ناهي ڪرايو منھنجي وارثن قرآن پاڪ کڻي ڪچي ۾ گھمايو جنهن بعد ڌاڙيلن کي رحم آيو ۽ هو مونکي نھڙ پتڻ وٽ ڇڏي هليا ويا جتان مونکي وارث وٺي گهر آندو