شادی لاءِ پاڪستان ايندڙ آمريڪي خاتون به ’’ڪراچي جي تباهي‘‘ تي ڳالهائي وئي!

ڪراچي جي 19 ساله نوجوان سان شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجي شوهر کان طلاق وٺي ۽ ٻارن کي ڇڏڻ بعد پاڪستان ايندڙ آمريڪي خاتون اونيجا اينڊريو، ملڪ جي سڀ کان وڏن شهر ڪراچي جي تباهي ڏسي ڇڏڻ کان پوء ان شهر جي تباهي بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي، اونيجا پنهنجي حالتن جو ذڪر ڪندي، ڪراچي جي خراب سڙڪين ۽ عوامي سهولت ۾ گهٽتائي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي جي انفرا اسٽرڪچر کي درست ڪرڻ ضروري آهي. واضح رهي ته ڪراچي جي تباهي بابت، شهر قائد جا رهواسي، واپاري طبقو ۽ ملڪ جي مختلف طبقن کان آواز بلند ٿيندو رهي ٿو. جڏهن ته سنڌ ۾ 17 سال کان حڪومت ڪرڻ واري جماعت، پيپلز پارٽي کي، ڪراچي جي تباهه حال صورتحال نظر نٿي اچي، جڏهن ته هي شهر ملڪ جو سڀ کان وڏو روينيون فراهم ڪندڙ آهي۔

پنھنجي راءِ لکو