پريالوءِ: جتوئي ٿاڻي جي حد ۾ ملاح برادري پنهنجي زمين ۽ گهرن تي مبينا قبضا خلاف نجي ٽي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي وڏيرو پير بخش، عبداللطيف ۽ رياض حسين ملاح ڪئي. مظاهرين الزام لڳايو ته خادم حسين لاشاري، عاشق حسين لاشاري ۽ ٻين انهن جي زمين ۽ گهرن تي غير قانوني قبضا ڪيو آهي. مظاهرين وڌيڪ چيو ته سردار معظم علي خان عباسي وٽ اڳ ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي، پر ان باوجود قبضا برقرار آهن. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي زمين ۽ گهر قبضا ڇڏائي کين تحفظ مهيا ڪيو وڃي.
