ڪراچي: سنڌ ۾ ايڇ پي وي ويڪسينيشن مهم دوران وڌيڪ حدف حاصل ڪرڻ لاءِ صحت کاتي پاران ڪيچ اپ ڊيز جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽر اي پي آءِ سنڌ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته مهم ۾ رهجي ويل ٻارڙين تائين رسائي يقيني بڻائي وڃي. ڊائريڪٽر اي پي آءِ طرفان لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مهم جي شروعاتي 12 ڏينهن دوران صوبي جي سطح تي لڳ ڀڳ 59 سيڪڙو ٻارڙين کي ويڪسين ڏني وئي آهي. وڌيڪ حدف حاصل ڪرڻ لاءِ 29 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين ڪيچ اپ ڊيز ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق، انهن اسڪولن ۾ جتي 80 سيڪڙو کان گهٽ ڪوريج حاصل ٿي آهي، ويڪسينيشن سيشن ٻيهر منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ سمورن فيلڊ ٽيمن ۽ سپروائيزر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي بنا ڪنهن اضافي بجيٽ جي ڪيچ اپ سرگرميون جاري رکن. ڊائريڪٽر اي پي آءِ سنڌ طرفان ڊپٽي ڪمشنرن کي به مهم جي نگراني جي ذميواري سونپي وئي آهي، ته جيئن حدف کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ويڪسينيشن عمل کي موثر بڻايو وڃي.
