روات: گهريلو تڪرار تان سسُر داماد کي زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار

روات (15 جولاءِ 2026): روات واري علائقي ۾ گهريلو تڪرار افسوسناڪ رخ اختيار ڪري ويو، جتي سسُر مبينا طور پنهنجي داماد کي زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. راولپنڊي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جي ترجمان موجب جوابدار ڪڻڪ ۾ استعمال ٿيندڙ زهريليون گوريون کارائي پنهنجي داماد کي قتل ڪيو. مقتول فوت ٿيڻ کان اڳ پنهنجي بيان ۾ جوابدار کي نامزد ڪيو هو، جنهن کان پوءِ پوليس ٽيڪنيڪل ۽ هيومن انٽيليجنس ذريعي جوابدار کي ٽريس ڪري گرفتار ڪيو.

پوليس موجب مقتول جي قتل جو ڪيس ڊسمبر 2025ع ۾ ٿاڻو روات ۾ داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار هو. پوليس وڌيڪ جاچ جاري رکيو ويٺي آهي.

پنھنجي راءِ لکو