ڪراچي: لياري ۾ جماعت اسلامي جي تعمير هيٺ آفيس تي هٿ بم حملو، بي ڊي يو جي شروعاتي رپورٽ جاري

ڪراچي (15 جولاءِ 2026): لياري جي علائقي ڦول پتي لين ۾ جماعت اسلامي جي تعمير هيٺ آفيس تي ٿيل هٿ بم حملي کان پوءِ بم ڊسپوزل يونٽ (بي ڊي يو) واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري پنهنجي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي۔

بي ڊي يو موجب حملي ۾ روسي ٺهيل آر جي ڊي ون (RGD-1) هٿ بم استعمال ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ تان هٿ بم جو ليور، باڊي جا لڳ ڀڳ 20 ننڍا ۽ وڏا ٽڪرا هٿ آيا، جڏهن ته ڌماڪي سبب زمين ۾ لڳ ڀڳ 3 انچ اونهو ۽ 8 انچ ويڪرو کڏ پئجي ويو.

رپورٽ موجب لياري ۾ ماضي ۾ ٿيل هٿ بم حملن مان لڳ ڀڳ 60 کان 70 سيڪڙو حملن ۾ به روسي ٺهيل هٿ بم استعمال ڪيا ويا هئا۔

ٻئي طرف جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر سول اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي آفيس تي حملو بدترين دهشتگردي آهي، جنهن ۾ جماعت جا 3 ڪارڪن زخمي ٿيا. سندس چوڻ هو ته گنجان آبادي واري علائقي مان حملي آورن جو فرار ٿيڻ پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ٿو.

منعم ظفر وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني سبب عوام پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي، پر حق ڏيو لياري مهم ۽ بدلايو نظام تحريڪ هر حال ۾ جاري رهندي.

پنھنجي راءِ لکو