پاڪستان جو هاءِ رسڪ ميري ٽائيم لسٽ مان اخراج، سامونڊي واپار لاءِ اهم اڳڀرائي

ڪراچي: پاڪستان کي سامونڊي حدن جي حوالي سان هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو هاءِ رسڪ ميري ٽائيم لسٽ مان سرڪاري طور تي اخراج ٿي ويو آهي. هن اهم قدم سان هاڻي پاڪستاني بندرگاهن جو رخ ڪندڙ سامونڊي جهازن کي اضافي وار رسڪ انشورنس جي وڌيڪ مالياتي بار کي منهن نه ڏيڻو پوندو.

هن ترقيءَ جي ڪري ملڪي سامون��ي واپار ۽ شپنگ جي شعبي کي سڌو سنئون فائدو رسندو، جڏهن ته عالمي سطح تي پاڪستاني بندرگاهن جي مالي اعتبار ۽ سيڪيورٽي پوزيشن ۾ پڻتيزي سان بهتري ايندي. اڳوڻن پابندين ۽ اضافي انشورنس جي ڪري واپاري سرگرميون متاثر ٿي رهيون هييون، پر هاڻي حالتون معمول تي اچي رهيون آهن.

سائبر ۽ سامونڊي سڌارن سان لاڳاپيل ادارن هن قدم کي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ هڪ تمام ضروري سنگ ميل قرار ڏنو آهي. واپاري حلقن جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان بين الاقوامي سامونڊي ڪمپنين جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ پاڪستان ۾ درآمدي ۽ برآمدي خرچن ۾ پڻ گهٽتائي ايندي.