خواجه فاروق آزاد ڪشمير جو وقتي وزيراعظم مقرر

مظفرآباد: تنوير الياس جي نااهلي کان پوءِ خواجه فاروق آزاد ڪشمير جو وقتي وزيراعظم بڻجي ويو. آزاد ڪشمير جي صدر جي هدايتن تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.آزاد ڪشمير جي صدر بيرسٽر سلطان محمود وقتي وزيراعظم جي سمري تي صحيحون ڪري وڌيڪ پڙھو

يوم شهادت حضرت علي: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوس، مجلسون، سيڪيورٽي سخت

ڪراچي: يوم علي جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون ويون آهن. ان دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.مٽياري ۾ يوم شهادت حضرت علي عليه السلام جي حوالي سان وڌيڪ پڙھو

بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڳجهي اطلاع تي آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن گذريل رات بنون جي علائقي نورار ۾ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته وڌيڪ پڙھو

منهنجي ڪوشش آهي ته استادن جي پگهار جاري ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٻچن سان عيد جي خوشيون ملائي سگهن: خدابخش ميمڻ

مٽياري:ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خدابخش ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٽياري ضلعي جي آءِ بي اي پاس پي ايس ٽي جي پهرين فيز ۽ ٻئي فيز جا جيڪي به استاد سنڌ حڪومت طرفان ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن وڌيڪ پڙھو

پ پ اڳواڻ لطيف کوسه کي پيپلز لائرز فورم جي صدارت تان هٽايو ويو

لاهور: پارٽي تي تنقيد ۽ مخالف بيان ڏيڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي سينئر اڳواڻ لطيف کوسه کي پيپلز لائرز فورم جي صدارت تان هٽائي ڇڏيو.پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري کي پي ايل ايف جو وقتي صدر بڻايو ويو آهي. وڌيڪ پڙھو

مظفر آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

مظفرآباد: مظفرآباد جي هاءِ ڪورٽ عدالت مخالف بيان تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيندي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو.رپورٽ موجب مظفر آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي اسيمبلي رڪنيت ۽ وزيراعظم جي وڌيڪ پڙھو

ڪي پي ڪي چونڊ تاريخ معاملو: پي ٽي آءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ واري معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن وڌيڪ پڙھو

پارليامينٽ مان منظور ٿيل عدالتي سُڌارن وارو بل سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد: پارليامينٽ مان منظور ٿيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ محمد شافع منير درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت وڌيڪ پڙھو

عدليه خلاف بيان: آزاد ڪشمير جي وزيراعظم هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي معافي گهري ورتي

مظفرآباد: آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس عدليه خلاف ڌمڪي وارن بيانن تي آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي معافي گهري ورتي.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي تقريرن ۾ ڌمڪي وارو رويو اختيار ڪرڻ تي آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ وڌيڪ پڙھو