ڪراچي/اسلام آباد: سوني جي اگهن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، جنهن تحت عالمي مارڪيٽ سان گڏ مقامي مارڪيٽ ۾ پڻ قيمتن ۾ نمايان لاهو ڏٺو ويو آهي. نئين ڪاروباري هفتي دوران سون جي اگهه ۾ گهٽتائي سان گهربل واهپيدارن کي ڪجهه حد تائين راحت ملي آهي.
صرافه بازار جي رپورٽ موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ سون 8 آمريڪي ڊالر فی اونس سستو ٿيو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر مقامي مارڪيٽن تي پڻ پيو آهي. عالمي اگهن ۾ گهٽتائي سبب مقامي سطح تي به قيمتون هيٺ آيون آهن.
مقامي صرافه مارڪيٽ ۾ سون جي فی توله قيمت ۾ 800 روپين جي ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سون جي اگهن ۾ وقفي وقفي سان ايندڙ هن تبديليءَ سبب ڪاروباري سرگرمين تي پڻ اثر پئجي رهيو آهي.