ڪيترن ئي مهينن کان افواهن ۽ ڳالهيون هلڻ کان پوءِ آخرڪار بالي ووڊ جي نامور اداڪاره ڪترينه ڪيف پنهنجي ڳورهاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔ اداڪاره پنهنجي مڙس وڪي ڪوشل سان گڏ هڪ گڏيل پوسٽ ۾ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته: “خوشي ۽ تشڪر سان گڏ اسان پنهنجي زندگي جو نئون باب شروع ڪرڻ وارا آهيون.” ڪترينه ڪيف طرفان ماءُ بڻجڻ جي تصديق ته ڪئي وئي آهي، پر هوءَ ڪڏهن ماءُ بڻجندي، ان بابت ڪا به تاريخ ظاهر نه ڪئي وئي آهي۔ اداڪاره جي اعلان کان پوءِ بالي ووڊ جي فنڪارن ۽ مداحن کيس وڏي تعداد ۾ مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔ 42 ورهين جي ڪترينه ڪيف ۽ 37 ورهين جي وڪي ڪوشل 9 ڊسمبر 2021 تي راجستان جي هڪ ريزورٽ ۾ شاهانه انداز ۾ شادي ڪئي هئي۔ شادي کان ڪجهه ئي مهينن پوءِ ئي انهن جي والدين بڻجڻ بابت افواهون پکڙجي ويون هيون، جيڪي خاص طور هن سال جي شروعات ۾ زور ورتو، پر هاڻي اداڪاره پاڻ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڪترينه ڪيف ٻار جي پيدائش کان پوءِ فلمي ڪم کان ڊگهو وقفو وٺڻ جو امڪان آهي۔
