ٽڪ ٽاڪر فاطمه خان جا يوٽيوبَر رجب بٽ خلاف سنگين الزام

لاهور: ٽڪ ٽاڪر فاطمه خان طرفان پاڪستان جي مشهور يوٽيوبَر رجب بٽ تي سنگين الزام هنيا ويا آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيا آهن. تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي فاطمه خان دعويٰ ڪئي ته رجب بٽ شادي جا ڪوڙا واعدا ڪري کيس لاڳاپا قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. فاطمه جو چوڻ آهي ته رجب بٽ سان سندس ملاقات هڪ دوست جي ذريعي ٿي هئي، جنهن کيس پنهنجي ڀيڻ جي طور تي متعارف ڪرايو. پهرين ملاقات دوران ٻيا ماڻهو به موجود هئا. فاطمه خان جو چوڻ آهي ته رجب بٽ کيس مهانگا تحفا ڏنا، جن ۾ 39 لک روپين جي ماليت جي گهڙي به شامل هئي. ٽڪ ٽاڪر الزام هنيو ته رجب بٽ شراب جو عادي آهي ۽ ڪيترين ئي ڇوڪرين کي ڌوڪو ڏيندو رهيو آهي. سندس مطابق ٻنهي جي وچ ۾ بار بار لاڳاپا قائم ٿيا، ۽ اڪثر ڪري نشي جي حالت ۾ رجب بٽ سندس مٿان تشدد به ڪندو هو. ان کان علاوه فاطمه خان وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته يوٽيوبَر هم جنس پرستي ۾ به ملوث آهي ۽ ان حوالي سان سندس وٽ وڊيوز ۽ ٻين ثبوتن جون فائلون موجود آهن. ٽڪ ٽاڪر جو هي پوڊ ڪاسٽ سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي شيئر ڪيو پيو وڃي ۽ ان تي ماڻهن جا مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن.

پنھنجي راءِ لکو