سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو، حيدرآباد ۽ ڪراچي سڀ کان وڌيڪ متاثر

سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، صحت کاتي جي انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ ماڻهو مليريا سبب حيدرآباد ڊويزن ۽ ڊينگي سبب ڪراچي ۾ متاثر ٿيا آهن۔ سرڪاري انگن اکرن مطابق صرف حيدرآباد ڊويزن ۾ 74 هزار 843 مليريا جا ڪيسز سامهون آيا آهن، جيڪي صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن۔ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 41 هزار 924، شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 17 هزار 905، سکر ڊويزن ۾ 12 هزار 617، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 12 هزار 542 ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 2 هزار 242 ڪيسز ظاهر ٿيا آهن۔ مجموعي طور تي هن سال سنڌ ۾ مليريا جا 1 لک 62 هزار 91 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته صحت کاتي موجب اڃا وڌيڪ ڪيس وڌڻ جو خطرو موجود آهي۔ ڊينگي جي حوالي سان به صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، صوبي ۾ هن سال تائين 557 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ڊويزن (456) ۾ ظاهر ٿيا، جتي ضلع ايسٽ ۾ ڊينگي سبب هڪ موت پڻ ٿي چڪو آهي۔ حيدرآباد ڊويزن ۾ 62، ميرپورخاص ۾ 31، شهيد بينظيرآباد ۾ 4، سکر ۾ 3 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ صحت کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ به ڊينگي سبب هڪ ڄڻو، امجد ڏاهري، بروقت علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿيو آهي۔ صحت کاتي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته مڇرن کان بچاءَ لاءِ حفاظتي اپاءَ اختيار ڪن، پاڻي جي ٽٻڪن کي ختم ڪن ۽ بخار جي صورت ۾ فوري طور ٽيسٽ ڪرائي علاج حاصل ڪن ته جيئن ڪنهن وڏي خطري کان بچي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو