سنڌ ۾ پوليو خلاف جاري مهم دوران وڏي انگ ۾ والدين پنهنجن ٻارن کي ويڪسين پيارڻ کان انڪار ڪيو آهي. صحت واري وزارت جي ذريعن موجب صوبي ۾ تازو شروع ڪيل مهم دوران لڳ ڀڳ 35 هزار والدين ويڪسين کان انڪار ڪيو، جن مان 34 هزار والدين جو تعلق صرف ڪراچي سان آهي. ڪراچي جي ضلعي شرقي ۾ ئي 8 هزار کان وڌيڪ والدين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو. ذريعن موجب سنڌ جي 25 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم 1 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين جاري رهي. مهم دوران ڪراچي ۾ پوليو ويڪسين جو وڏو هدف مقرر ڪيو ويو هو ۽ تقريبن 21 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو، پر انڪار ڪندڙ والدين جي وڏي انگ سبب هدف مڪمل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته والدين جو اهڙو رويو نه رڳو پنهنجي ٻارن پر ٻين ٻارن جي زندگي لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته پوليو وائرس جو خاتمو صرف مڪمل ويڪسين ذريعي ممڪن آهي.
