سهراب ڳوٺ ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 ڏوهاري مارجي ويا، سرياب ۾ به هڪ مارجي ويو ۽ 2 گرفتار

ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ الآصف اسڪوائر ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا.پوليس موجب اسنيپ چيڪنگ ۽ گشت دوران هٿياربند ملزمن سان مقابلو ٿيو، جنهن دوران ملزمن پوليس تي فائرنگ ڪئي. جوابي وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ هيڊي ٽريفڪ جي بي قابو رفتار، 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڄڻا فوت، حادثن ۾ خطرناڪ واڌ

شهر قائد ڪراچي ۾ هيڊي ٽريفڪ جي بي قابو رفتار سبب ٽريفڪ حادثن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻن مختلف واقعن ۾ هڪ 10 ورهين جي ٻار سميت ٻه ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا.پهريون وڌيڪ پڙھو

سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي، عالمي سيڙپڪاري رجحان ۾ تبديلي سبب قرار

سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اوچتو نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن کي ماهرن عالمي معاشي حالتن، وياج جي شرح ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاري جي رجحان ۾ تبديلي جو نتيجو قرار ڏنو آهي.تجزيه ڪار موجب آمريڪا سميت دنيا وڌيڪ پڙھو

نئين بجيٽ کانپوءِ پراپرٽي ٽيڪس ۾ واڌ، ملڪيت مالڪن لاءِ رعايت به گهٽائي وئي

نئين مالي سال جي شروعات سان حڪومت ملڪيت مالڪن لاءِ به پراپرٽي ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نئين بجيٽ تحت پراپرٽي ٽيڪس تي ڏنل رعايت گهٽائي وئي آهي، جنهن بعد ايڪسائيز کاتو پهرين جولاءِ کان نظرثاني ڪيل شرح موجب وڌيڪ پڙھو

اداڪارا مومنه اقبال کي هراسان ڪرڻ جو ڪيس، عدالت ملزم کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور جي سيشن عدالت اداڪارا مومنہ اقبال کي مبينا طور هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ملزم ثاقب چڌڙ کي جاچ آفيسر آڏو پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ٻڌڻي دوران ملزم وڌيڪ پڙھو

وليڪا اسپتال ۾ مبينا غفلت، استعمال ٿيل سرنجن سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومتِ سنڌ جي ماتحت هلندڙ ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ مبينا طور استعمال ٿيل سرنجن جي ٻيهر استعمال سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ واري سنگين معاملي جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار موجب هن مبينا غفلت وڌيڪ پڙھو

آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ کي وڏو ڌڪ، اڳوڻي ايم ايل اي راجا عبدالقيوم خان جو آءِ پي پي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو

آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي وڏو سياسي ڌڪ لڳو آهي، جتي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر راجا عبدالقيوم خان استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب وڌيڪ پڙھو

ڪاهنه ٽيوشن سينٽر سانحو، عدالتي جاچ ۽ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي درخواست موڪلي وئي

لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن سينٽر ۾ پيش آيل افسوسناڪ سانحي جي شفاف جاچ لاءِ حڪومت کي عدالتي انڪوائري ۽ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جي باقاعده درخواست موڪلي وئي آهي.تفصيل موجب هڪ نامياري وڪيل گورنر پنجاب، وڏي وزير پنجاب وڌيڪ پڙھو

آمريڪا، ايران دوحا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، ڌرين جو ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق

پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ دوحا ۾ ٿيل اڻسڌين ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ايندڙ ڏينهن ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.پرڏيهي آفيس وڌيڪ پڙھو

اٽلي ۾ پاڪستاني نوجوان نويد اسلم جي بهادري، پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ٻن معصوم ٻارن کي بچائي ورتو

اٽلي جي شهر بريشا ۾ رهندڙ پاڪستاني نوجوان نويد اسلم پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي هڪ سرڦري حملي آور کان ٻن معصوم ٻارن کي بچائي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. نويد اسلم جو تعلق پاڪستان جي ضلعي گجرات وڌيڪ پڙھو